مھراڻ اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن ھڪ غير سياسي، غير مذھبي، تعليمي ۽ ثقافتي سنڌي شاگرد تنظيم آھي، جيڪا بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اعلٰي تعليم جو زيور حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مان آيل شاگردن پاران ھلي رھي آھي. ان تنظيم جو موقف قوم پرستي ۽ ذاتيات کان مٿانھون درجو رکندي اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقيءَبني آدم جي جاکوڙ ڪندي انساني ڀَلاري لاءِ ڪم ڪرڻ آھي. جيڪا گزريل ڇھن سالن کان سنڌ مان وفاق ۾ شاگردن کي اعلٰي تعليم لاءِ راھ ڏيکارڻ، ايندڙ شاگردن کي ڀليڪار سان گڏ سندن تعليمي ۽ سماجيسارسنڀال لھڻ، جامعه ۾ سندن حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، پھنجن ميمبرن سان برابري جو ورتاءُ ڪندي کين اھڙو پليٽ فارم ڏيڻ جٿھي يڪجھتي جو مظاھرو ڪندي سڀ شاگرد پھنجي ھنر، ٻولي، ثقافت ۽ رھڻي ڪرڻي جا امين بڻجي ان جو مظاھرو بين الاقوامي سطح تي ڪري سگھن ۽ سنڌ جي تباه ٿيندڙ ثقافتي ۽ تعليمي نظام جا محافظ بڻجن. (ايم،ايس،اي) وفاق جي تعليمي اداري ۾ ھڪ نمايان حيثيت رکي ٿي، جيئن سرزمين ســـنڌ جيڪا امن ۽ محبت جي پيغمبر رھي آھي ان سان وابستگي رکندي سندس پٽ تي جنم وٺندر صوفي بزرگن جي صوفيت جو پرچار ڪرڻ جي پڻ ڪائل آھي
سـڄـڻ ۽ ساڻــيھ ڪنھن اڻــاسي وسري
حيف تنھي کي ھوئي وطن جن وساريو